Sindh and lts Sufis

Sindh and lts Sufis

Sindh and lts Sufis

Sindh and lts Sufis

Sindh and Its Sufis

Sindh and lts Sufis(ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي صوفي عالم ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ ورهاڱي کان ڪافي سال اڳ لکيو هو، جنهن جا ٻه ڇاپا شايع ٿي چڪا هئا. هن ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ ماضيءَ ۾ آريا، يوناني، سٿين، راجپوت دور، اسلامي دور کان وٺي انگريز دور تائين تصوف جي ڄاڻ ڏني وئي آهي. ٻئي حصي ۾ صوفي ڪلچر ۽ سنڌ تي روشني وڌي وئي آهي. ٽئين حصي ۾ قلندر لعل شهباز ۽ ٻين صوفين بابت لکيو ويو آهي، جڏهن ته چوٿين حصي ۾ شاهه عنات رضوي، شاهه عبدالڪريم، شاهه لطيف ۽ سندس صوفي شاعريءَ تي روشني وڌي وئي آهي. ان کان پوءِ سچل سرمست جي منصوري شاعريءَ جو جائزو ورتو ويو آهي.
هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو انڊين انسٽٽيوٽ آف سنڌالاجي، آديپور (ڪڇ)، 2000ع ۾ ڊيمي سائيز جي 138 صفحن تي مشتمل ڇپايو آهي، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي. هن ڪتاب جو هڪ ڇاپو ڪرائون سائيز جي 224 صفحن تي مشتمل، سنگ ميل پبليڪيشن لاهور 1979ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 60 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو